شاهه لطيف جا فڪري رخ

شاهه لطيف جا فڪري رخ

شاهه لطيف جا فڪري رخ

شاهه لطيف جا فڪري رخ (ڪتاب): هيءُ ڪتاب ناليواري محقق ۽ اديب پروفيسر ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ جي تحقيقي مقالن تي مشتمل آهي، جنهن کي ڊاڪٽر شير مهراڻيءَ ترتيب ڏنو آهي. هن ڪتاب ۾ ليکڪ جا 2000 کان 2010 تائين لکيل مقالا شامل آهن، جن ۾ ‘شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ مابعد الطبعات’، ‘شاهه جي شاعريءَ ۾ زمان و مڪان جو فلسفو’، ‘شاهه جي ڪردارن جون ذهني ڪيفيتون’، ‘رينڊم ۽ ريگيولر ٿيوريز’، ‘شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ پيار جو فلسفو’، ‘شاهه لطيف جا فڪري رخ’، ‘شاهه جي شاعريءَ ۾ ڏک جو فلسفو’، ‘شاهه جي شاعريءَ ۾ زندگيءَ جو فلسفو’، ‘شاهه جي شاعريءَ جا تحقيقي رخ’، ‘شاهه، ماضي، حال ۽ مستقبل جو شاعر’، ‘شاهه وٽ عورت ۽ وحدت ۽ وجودي وحدت’ شامل آهن. هن ڪتاب جو مهاڳ ناليواري اديب ۽ نقاد تاج بلوچ لکيو آهي. ڪتاب جي ارپنا مجموعي طور سچن/ باضمير ماڻهن جي نالي ڪيل آهي. 208 صفحن تي مشتمل پڪي جلد سان هي ڪتاب سوجهرو پبليڪيشن ڪراچيءَ طرفان ڇپجي پڌرو ٿيو، جنهن جي قيمت 250 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو